اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 6 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 71 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 362 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت گهٽجڻ کانپوءِ 387 رپيا 81 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 5 نومبر کان لاڳو هونديون.
واضح رهي ته آمريڪي وچ مدي واري چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پارٽيءَ کي شڪست کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ به تيل سستو ٿيو آهي.


