ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان سرڪاري ڪڻڪ جي ڪروڙين رپين جي مبينا خرد برد واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻي جي عدالت اڳوڻي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ فوڊ انسپيڪٽر محمد يوسف ملڪ جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن عملدارن ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ٻنهي جوابدارن تي سرڪاري ڪڻڪ جي مبينا خرد برد ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي. ضمانتون رد ٿيڻ ۽ گرفتاري بعد ڪيس ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جو امڪان آهي.


