لکنو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي شهر لکن ۾ هڪ عمارت ۾ لڳل باهه سبب گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مقامي ميڊيا موجب باهه ٽي ماڙ واپاري عمارت جي وچئين حصي مان لڳي، جيڪا ٿوري ئي دير ۾ ٻين ماڙن تائين پکڙجي وئي.
اختيارين موجب عمارت جي هيٺئين ماڙ تي پالتو جانورن جي دڪان ۽ جانورن جي علاج جو مرڪز قائم هو، جڏهن ته مٿين ماڙن تي هڪ تربيتي ادارو هلندڙ هو، جتي شاگردن کي ڪمپيوٽر راندين ۽ متحرڪ تصويرسازي سان لاڳاپيل سافٽ ويئر تيار ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو اصل سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر شروعاتي جاچ ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.
مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ بچاءُ واري ڪارروائي کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو.


