گلگت ( ويب ڊيسڪ ) امجد حسين ايڊووڪيٽ بنا مقابلي گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.
عمران نديم جي صدارت هيٺ ٿيل اسيمبلي اجلاس دوران امجد حسين ايڊووڪيٽ جي ڪاميابي جو باضابطه اعلان ڪيو ويو.
وڏي وزير جي عهدي لاءِ امجد حسين کانسواءِ ڪنهن به ٻئي اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا، جڏهن ته ايوان ۾ موجود سمورن ميمبرن امجد حسين ايڊووڪيٽ جي حمايت ڪئي. امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جي تاريخ ۾ پنجون وڏو وزير بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ عمران نديم گلگت بلتستان اسيمبلي جو نئون اسپيڪر، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪفايت الرحمان بنا مقابلي نائب اسپيڪر چونڊيا ويا هئا.
سبڪدوش ٿيندڙ اسپيڪر نذير احمد نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم کان عهدي جو حلف ورتو، جنهن کان پوءِ اسپيڪر جي ڪرسي سندس حوالي ڪئي وئي.
بعد ۾ اسپيڪر عمران نديم نئين چونڊيل نائب اسپيڪر ڪفايت الرحمان کان پڻ عهدي جو حلف ورتو.
سياسي مبصرن موجب گلگت بلتستان ۾ نئين قيادت جي چونڊ سان علائقي جي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۾ نئين مرحلي جي شروعات ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.


