ڀارت ۾ مودي سرڪار خلاف احتجاج، سلمان خان به ميدان تي اچي ويو

2 Min Read

ممبئي: (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان شاگردن جي احتجاج جي حمايت ڪندي تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڀارت ۾ مودي حڪومت خلاف شاگردن جي احتجاج دوران بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان به شاگردن جي حمايت ۾ بيان جاري ڪري ڇڏيو.

سلمان خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ احتجاج دوران ٿيل پرتشدد واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اها هڪ پرامن تحريڪ هئي، جنهن جو پرتشدد رخ ڏسي ڏک ٿيو.

اداڪار چيو ته جن شاگردن ۽ سندن خاندانن کي نقصان پهتو آهي، انهن سان دلي همدردي آهي.

هن چيو ته پيپر ليڪ ٿيڻ هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته ملڪ جا شاگرد بهتر تعليمي نظام لاءِ گڏ ٿيا آهن.

سلمان خان چيو ته شاگردن پنهنجي مستقبل ۽ معياري تعليم لاءِ جنهن عزم ۽ محنت جو مظاهرو ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي، جڏهن ته سندن مطالبن کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته حڪومت کي شاگردن جا مطالبا ٻڌي تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

سلمان خان وڌيڪ چيو ته تعليم کي سڀ کان وڏي ترجيح بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڀارت عالمي تعليمي مرڪز بڻجي ۽ دنيا جا شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت اچن.

Share This Article
Leave a Comment