ڄامشورو (رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڪاري کَهي واري علائقي ۾ هڪ مهينو اڳ ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل خوني جهيڙي خلاف شيراز ۽ عزيز ملاح جي وارثن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
وارثن ڪاري کَهي کان ڪوٽڙي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ شيراز ملاح ۽ عزيز ملاح جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري، شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.
مظاهرين چيو ته واقعي کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود کين انصاف نه ملي سگهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
واقعو هڪ مهينو اڳ ٻن ڌرين وچ ۾ خوني جهيڙي دوران پيش آيو هو، جنهن ۾ شيراز ملاح، عزيز ملاح ۽ ٻي ڌر جو ابراهيم ملاح مارجي ويا هئا.


