گمبٽ: آءِ جي جي حڪم باوجود اي ايس آءِ ۽ سپاهي اهم عهدن تي مقرر هجڻ جو انڪشاف

2 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) آءِ جي سنڌ پاران ڪانسٽيبلري رينڪ جي اهلڪارن کي ايس ايڇ او ۽ اهم ذميوارين تي مقرر ڪرڻ تي پابندي ۽ 3 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪرڻ باوجود خيرپور ضلعي ۾ اي ايس آءِ ۽ سپاهين کي مختلف ٿاڻن ۽ چوڪين تي اهم ذميواريون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڄاڻ موجب اي ايس آءِ عزيز ملاح کي صادق ڪلهوڙو ٿاڻي، اي ايس آءِ نظر جسڪاڻي کي لانڊيو ٿاڻي ۽ اي ايس آءِ ممتاز اڄڻ کي گلو سيال ٿاڻي جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته سپاهي نديم خواجه کي فقير مل ۽ سپاهي صدام لاڙڪ کي رسول آباد ۾ چوڪي انچارج مقرر ڪرڻ سان گڏ سپاهي دلبر ناريجو کي اڀن شاهه چوڪي جو انچارج مقرر ڪرڻ جا تفصيل پڻ سامهون آيا آهن.

ان کان علاوه سپاهي منظر سولنگي کي راڻيپور، وحيد هليو کي ٽنڊومستي ۽ سليم شاهه کي ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي وڏو منشي مقرر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سپاهي غلام سرور ناريجو کي بي سيڪشن خيرپور ۾ وڏو منشي مقرر ڪرڻ جو پڻ ذڪر آهي.

جاري ڪيل اڳوڻي فهرست ۾ مختلف ٿاڻن تي ايس آئز ۽ انسپيڪٽرن جون مقرريون ظاهر ڪيون ويون هيون، جڏهن ته نئين سامهون آيل تفصيلن موجب ڪجهه هنڌن تي اي ايس آءِ ۽ سپاهين کي پڻ اهم ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

آءِ جي سنڌ جي 31 آگسٽ واري حڪم موجب اهڙين مقررين کي پوليس رولز ۽ ڪمانڊ هيرارڪي جي ابتڙ قرار ڏنو ويو آهي ۽ سمورن رينج ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي اهڙيون مقرريون ختم ڪري 3 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف خيرپور ضلعي ۾ ڄاڻايل مقررين بابت ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment