ڊپريشن جي علاج لاءِ نئين اميد، تحقيق ۾ اهم انڪشاف

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته بائي پولر ڊس آرڊر ۽ شديد ڊپريشن جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ عام ۽ نسبتاً سستي دوا ليٿيم (Lithium) مستقبل ۾ الزائمر جي مريضن لاءِ به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.

طبي جرنل نيچر ۾ شايع ٿيل اڳوڻين تحقيقن موجب، الزائمر جي مريضن جي دماغ ۾ ليٿيم جي سطح عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڏٺي وئي آهي. جڏهن ته ليبارٽري ۾ الزائمر ۾ مبتلا ڪوئن تي ڪيل تجربن دوران ليٿيم جي معمولي مقدار ڏيڻ سان انهن جي يادگيري ۾ بهتري ۽ دماغي خلين جي نقصان ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ليٿيم يادگيري ۽ سوچڻ جي صلاحيت سان لاڳاپيل دماغي خلين کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ دماغ جي مختلف حصن جي وچ ۾ رابطن کي به برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف طبي جرنل ٽرانسليشنل سائيڪائٽري ۾ شايع ٿيل هڪ نئين تحقيقي مقالي ۾ ماهرن ابتدائي مرحلي جي الزائمر جي مريضن لاءِ ليٿيم جي گهٽ مقدار واري استعمال تي وڌيڪ تفصيلي تحقيق ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.

الزائمر سوسائٽي جي ريسرچ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رچرڊ اوڪلي چيو آهي ته هي تحقيق اميد ضرور پيدا ڪري ٿي، پر اڃا تائين اهو ثابت ناهي ٿيو ته ليٿيم الزائمر يا ڊيمينشيا کان مڪمل بچاءُ يا ان جو مؤثر علاج فراهم ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته انساني سطح تي ٿيل شروعاتي آزمائشن محدود آهن، تنهن ڪري حتمي نتيجن تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ضروري آهي.

نوٽ: هي خبر رڳو معلوماتي مقصد لاءِ آهي. ڪنهن به بيماري جي تشخيص يا علاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور صلاح ڪريو.

Share This Article
Leave a Comment