اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيڪڏهن ان ڏينهن معاهدو ٿي وڃي ها ته اڄ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي صورتحال پيدا نه ٿئي ها، اسان مان ڪو به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ نه پيو چاهي.
سينيٽ ۾ ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته فوج ۽ پوليس جا اهلڪار شهادتون ڏين ۽ ٻئي پاسي انهن شهيدن خلاف تقريرون ڪيون وڃن، اهو قبول نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت دهشتگرديءَ کي سياسي معاملن سان ڳنڍڻ نه پئي چاهيو.
گهرو وزير موجب، ڳالهين جي شروعات ئي دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت نقطن سان ٿي هئي، جن تي اسد قيصر پاڪستان سان گڏ بيهڻ جو يقين ڏياريو. سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران چوٿون ڀيرو ڇهه تبديليون تجويز ڪيون ويون، جيڪي قبول ڪيون ويون، پر سمورا معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ لکيل مسودو وڏي وزير ڏانهن موڪليو ويو، جنهن اهو مراد سعيد ڏانهن موڪليو ۽ ٻن ڏينهن جي محنت ضايع ٿي وئي.
محسن نقوي چيو ته 26 نومبر تي به ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو آپشن موجود هو. هن دعويٰ ڪئي ته 25 نومبر تي احتجاج دوران پي ٽي آءِ کي متبادل هنڌ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر ڌرڻو ملتوي ڪرڻ لاءِ باني سان فون تي ڳالهه ٻولهه ۽ وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جون شرطون رکيون ويون.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ لاڳاپيل قانوني شقن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قدم کنيو ويو. هن چيو ته ان قدم کي درست يا غلط قرار ڏئي سگهجي ٿو، پر حڪومت جي نظر ۾ اهو فيصلو درست هو.


