Focus with Zardari
اهم خبرون

ڪراچي: اين سي سي آءِ اي جي ڪارروائي، ڊارڪ ويب سان لاڳاپيل آن لائن نيٽ ورڪ جي ور چڙهيل نينگري کي بچائي ورتو

1 Min Read

ڪراچي (آزاد ميراڻي) ڪراچي ۾ عالمي ڳجهي اداري جي اطلاع تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچي وڏي ڪارروائي ڪندي آن لائن نيٽ ورڪ جي ور چڙهيل 13 ورهين جي نينگري کي بچائي ورتو.

اين سي سي آءِ اي جي عملدارن موجب، ڊارڪ ويب سان لاڳاپيل ڄاڻايل گروهه نينگري کي مختلف ٽاسڪ ڏئي رهيو هو، پهرئين ٽاسڪ ۾ نينگريءَ کان ٻليءَ کي زهر ڏئي مارايو ويو، جڏهن ته ٻئي ٽاسڪ ۾ کيس پاڻ کي سخت نقصان پهچائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

عملدارن موجب، ٻيو ٽاسڪ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي اين سي سي آءِ اي جي ٽيم نينگريءَ تائين پهچي وئي ۽ کيس بچائي ورتو.

اين سي سي آءِ اي ڪراچي نينگريءَ جي والدين کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

- Advertisement -

عملدارن جو چوڻ آهي ته والدين پنهنجي ڌيءَ جي آن لائن سرگرمين کان مڪمل طور اڻڄاڻ هئا.

اختيارين موجب، ڪيس جي جاچ جاري آهي ۽ نينگريءَ سان رابطو ڪندڙ آن لائن اڪائونٽس جو پتو لڳايو پيو وڃي، ان سان گڏ اهو به جاچيو پيو وڃي ته ڄاڻايل نيٽ ورڪ ٻين پاڪستاني ٻارن کي به نشانو بڻايو آهي يا نه.

Share This Article
Leave a Comment