ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس جي تيز بو پکڙجڻ سبب شهرين ۾ پريشاني پکڙجي وئي، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جي به شڪايت ڪئي آهي.
اطلاعن موجب محمود آباد، منظور ڪالوني، ڪارساز ۽ اسٽيڊيم روڊ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گئس جي بوءِ وڏي شدت سان محسوس ڪئي وئي.
هوڏانهن سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته ابوالحسن اصفهاني روڊ ڀرسان نئين گئس پائيپ لائين کي فعال ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، جنهن دوران پلانٽن جي ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي.
ترجمان موجب ٽيسٽنگ دوران گئس ۾ بوءِ پيدا ڪندڙ مادو عارضي طور وڌيڪ مقدار ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪجهه علائقن ۾ عام معمول کان وڌيڪ بوءِ محسوس ٿي رهي آهي.
هن چيو ته مختلف علائقن مان گئس ليڪيج بابت شڪايتون مليون آهن، پر جاچ دوران سسٽم جو پريشر معمول موجب آهي ۽ ڪنهن به هنڌ گئس ليڪيج جي تصديق ناهي ٿي.
سوئي سدرن گيس ڪمپني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پريشان نه ٿين ۽ پنهنجي روزاني معمول موجب ڪم جاري رکن، ڇاڪاڻ ته گئس ۾ بوءِ جي شدت عارضي آهي ۽ ٽيسٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد صورتحال معمول تي اچي ويندي.


