ملير ۾ ڪيبل ڪٽڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب اڻڄاتل شخص فوت

1 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ اسٽيل مل چورنگي ڀرسان اسٽيل مل جي برساتي نالي مان گذرندڙ ڪيبل لائين مان ڪيبل ڪٽڻ دوران هڪ اڻڄاتل شخص فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي بن قاسم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment