اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ قومي زرعي ۽ غذائي تحفظ ڪائونسل جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زراعت ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، جڏهن ته اهو شعبو مختصر مدي ۾ معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن چيو ته ڪڻڪ جي پوکائي کان اڳ ان جي مناسب قيمت مقرر ڪرڻ ضروري آهي، جيئن آبادگارن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو ملي سگهي. حڪومت چاهي ٿي ته آبادگارن کي ڪڻڪ جو مناسب اگهه ملي ۽ صارفين کي سستي ڪڻڪ فراهم ٿئي.
وزيراعظم چيو ته ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جو مناسب ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته گهٽ خرچ تي ڀاڻ، ٻج، زرعي مشينري ۽ پاڻي جي بهتر استعمال لاءِ جديد اوزارن ۽ فني سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ننڍن ۽ وچولي درجي جي آبادگارن کي سندن فصلن جو مناسب اگهه ڏيارڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته لائيو اسٽاڪ جو شعبو به ملڪ جي برآمدات وڌائڻ جي وڏي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته پاڪستاني حلال گوشت جي برآمدات ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن، پنجاب جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي زراعت واري وزير مخدوم محبوب الزمان سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت زراعت جي ترقي لاءِ صوبن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي.


