ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) آپريشن ۽ وفاقي حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم فتنة الهندستان (BRG) سان لاڳاپيل مبينا دهشتگرد فضل حق خان ولد ڪمين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ دستي بم پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي موجب، انٽيليجنس اطلاع مليو هو ته جوابدار پنهنجي پرڏيهي هينڊلر جي هدايتن تي ڪراچي ۾ موجود آهي ۽ بارودي مواد ذريعي شهر جي حساس هنڌن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسن کي نشانو بڻائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو هو. ترجمان دعويٰ ڪئي ته گرفتار جوابدار پاڙيسري ملڪ مان دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي هئي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار خلاف سي ٽي ڊي آپريشن ڪراچي ٿاڻي تي ڪيس نمبر 94/2026، ايڪسپلوسيو سبسٽنسز ايڪٽ 1908 جي قلم 4 ۽ 5، ۽ انسداد دهشتگردي ايڪٽ 1997 جي قلم 7 تحت ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جي ٻين ساٿين، سهولتڪارن ۽ مالي مددگارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جاچ ۽ ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن لاءِ اعليٰ اختيارين پاران تعريفي سرٽيفڪيٽن ۽ نقد انعامن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.


