گمبٽ (رپورٽر) ٽنڊومستي جي ڳوٺ ننڍي ماڙي ۾ پئسن عيوض 12 ورهين جي نينگري دعا بتول عرف حيات کي وڪرو ڪري شادي ڪرائڻ واري معاملي جو سنڌ وائيس تي خبر نشر ٿيڻ بعد ٽنڊومستي ٿاڻي تي نينگري جي والد عبدالڪريم چانڊيو خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس موجب، نينگري جي والد عبدالڪريم چانڊيو کيس 7 کان 8 لک رپين عيوض وڪرو ڪري شادي ڪرائي هئي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار پنهنجي ڌيءَ جي گهر وڃي کيس مبينا طور مارڪٽ ڪئي ۽ چيو ته کيس ٻئي هنڌ پرڻايو ويندو، جنهن تي نينگري انڪار ڪندي چيو ته سندس مڙس گهر ۾ موجود ناهي ۽ هوءَ ساڻس گڏ نه هلندي. ان بعد جوابدار مبينا طور گارگند ۽ تشدد ڪري فرار ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته دعا بتول عرف حيات واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.


