Focus with Zardari

ڪراچي: سچل ڳوٺ جي گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

2 Min Read

ڪراچي (رپورٽ جاني سومرو): سچل ڳوٺ جي گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن، عورتن ۽ مرد استادن شرڪت ڪئي. تقريب دوران ٻهراڙيءَ جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سندن بنيادي حقن جي تحفظ ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته عورتن جي ترقيءَ لاءِ تعليم، برابريءَ جا موقعا ۽ سماجي شعور بنيادي اهميت رکن ٿا. ٻهراڙيءَ جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته کين تعليم تائين پهچ، پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي اهم فيصلن ۾ شرڪت جا برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن.

مقررين جو چوڻ هو ته عورتون سماج جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، تنهنڪري سندن حقن جو تحفظ ۽ سماجي حيثيت کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي. ان موقعي تي شاگردن ۾ عورتن جي حقن، صنفي برابري ۽ سماجي ذميوارين بابت شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت پڻ اجاگر ڪئي وئي.

تقريب ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن کي درپيش مسئلن ۽ کين سماجي طور بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتن کي ترقيءَ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ سان نه رڳو سندن زندگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، پر مجموعي طور سماج جي ترقيءَ کي پڻ هٿي ملي سگهي ٿي.

Share This Article
Leave a Comment