ڪراچي (رپورٽر) اورنگي ٽائون ۾ پسند جي شادي جي معاملي تان فائرنگ ڪري عباس علي نالي شخص کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته واردات کانپوءِ فرار ٿيندڙ جوابدارن مان هڪ کي شهرين پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو پڻ فوت ٿي ويو.
پوليس موجب جوابدار موٽرسائيڪل تي فرار ٿي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل خراب ٿيڻ تي ويجهو موجود شهرين کين پڪڙي ورتو، جنهن دوران هڪ جوابدار کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ هو مارجي ويو.
پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مک جوابدار عبدالرحيم ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار پنهنجي مامي ۽ هڪ ساٿي سان گڏ فائرنگ ڪري ڀيڻيي عباس علي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ ايمونيشن پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


