Focus with Zardari

وڌندڙ آبادي سنڌ لاءِ چئلينج بڻجندي يا ترقي جو موقعو؟

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2050 تائين سنڌ جي آبادي ساڍا 9 ڪروڙ کان وڌي ويندي، وڌندڙ آبادي سنڌ لاءِ چئلينج بڻجندي يا ترقي جو موقعو؟

آبادي وڌڻ سان تعليم، صحت، پاڻي، ٽرانسپورٽ، روزگار ۽ رهائش سميت ڪهڙيون ضرورتون وڌنديون؟

ترقياتي ماهر حسين جروار موجب وڏي آبادي باوجود چين پنهنجي ماڻهن کي غربت جي لڪير مان ڪڍي، تعليم ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرو ٿيو.

سندس چوڻ آهي ته جيڪي ملڪ وڌندڙ آبادي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، انهن لاءِ آبادي هڪ موقعو بڻجي سگهي ٿي.

- Advertisement -

پر پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ صورتحال مختلف آهي، جتي موجوده آبادي کي ئي تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. آبادي وڌڻ سان شهرن تي دٻاءُ ۽ روزگار لاءِ شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو پڻ موجود آهي.

ته پوءِ 2050 جي سنڌ لاءِ وڌندڙ آبادي چئلينج آهي يا ترقي جو موقعو؟

مڪمل پروگرام ڏسڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

Share This Article
Leave a Comment