ڪراچي: پوليس اهلڪار جي عورت سان زيادتي جي ڪوشش، پنهنجي ئي ٿاڻي تي ڪيس داخل

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي صنعتي ايريا پوليس پنهنجي ئي ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار نور خلاف عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ڪيس نمبر 1144 سال 2026، قلم 376، 511 ۽ 506-B تحت 9 سيپٽمبر تي داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن پوليس حوالي ڪيو ويو.

فريادڻ بي بي شفيده پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته هوءَ مهراڻ ٽائون سيڪٽر 6-D جي رهواسڻ آهي ۽ سلائي ڪڙهائي ۽ مهندي لڳائڻ جو ڪم ڪندي آهي. سندس چوڻ موجب نور سان سندن خاندان جا گذريل 4 کان 5 سالن کان سٺا لاڳاپا آهن ۽ نور جي گهرواري گهر ۾ بيوٽي پارلر هلائيندي آهي، جتي هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ڪم ۾ مدد لاءِ ويندي آهي.

فريادڻ موجب 2 سيپٽمبر جي رات نور کيس موٽرسائيڪل تي گلزار ڪالوني سيڪٽر 8-E ۾ پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي پهچڻ بعد مبينا طور دروازي کي اندران ڪنڊي ڏئي سندس منهن تي هٿ رکي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت دوران هوءَ گهر مان نڪري وئي، جنهن تي نور مبينا طور پستول ڏيکاري کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ رستي ۾ معاملي بابت ڪنهن کي ٻڌائڻ کان روڪيو.

عورت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ به نور مبينا طور واٽس ايپ تي فون ڪري کيس ڌمڪائيندو رهيو، جنهن سبب هوءَ ڪجهه ڏينهن خاموش رهي، پر پوءِ همت ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس ڪيس داخل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment