Focus with Zardari

ڪراچي: گلستان جوهر ۾ رينجرز اهلڪار جي پراسرار قتل ڪيس ۾ زال گرفتار

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گلستان جوهر بلاڪ 19 ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪار تاجدار الله جي پراسرار موت واري معاملي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي سندس زال حنا کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب تاجدار الله فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس زال شروعاتي بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته مڙس پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي. واقعي واري فليٽ مان 9 ايم ايم پستول جا 3 خول مليا، جڏهن ته مقتول جي سيني تي 2 گولين جا نشان پڻ هئا، جنهن سبب پوليس کي واقعي بابت شڪ پيدا ٿيو.

پوليس موجب جاچ دوران حنا سميت يونس ۽ عديل خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. حنا کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته يونس ۽ عديل جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس وڌيڪ جاچ ذريعي قتل جي اصل سبب ۽ واقعي جي حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

Share This Article
Leave a Comment