راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پاران مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جي توسيعي ورزن جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو توسيعي ورزن جديد ايويونڪس ۽ جديد ترين نيويگيشن نظام سان ليس آهي، جيڪو ڊگهي فاصلي تائين هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب ميزائل جي ڪامياب تجربي دوران ان جي ڪارڪردگي ۽ هدف تائين درست پهچڻ جي صلاحيت جو جائزو ورتو ويو.
ميزائل جي تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏ ميزائل تيار ڪندڙ اداري سان لاڳاپيل سائنسدانن ۽ انجنيئرن پڻ ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فتح-4 جي توسيعي ورزن جي ڪامياب تجربي تي صدرِ مملڪت، وزيراعظم پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ سمورن سروسز چيفس پاران اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پاڪستان طرفان ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ مقامي صلاحيتن کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ هي تجربو اهم اڳڀرائي طور سامهون آيو آهي.


