ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد، ٻيو محفوظ

2 Min Read

ڪراچي: ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي جمالي پل ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي معجزاڻي طور محفوظ رهيو.

پوليس موجب، موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن سائيٽ اي ٿاڻي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن تي اوچتو فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار زمان موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد اهلڪار پنهنجي ساٿي سان گڏ جمالي پل تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو، جڏهن مٿن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي.

واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڊي آءِ جي ايسٽ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن هدايت ڪئي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي هر صورت گرفتار ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس نيٽ ورڪ ۽ جاچ جا سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

آءِ جي سنڌ علائقي ۾ پوليس گشت، ناڪابندي ۽ اسنيپ چيڪنگ وڌيڪ سخت ڪرڻ سان گڏ مشڪوڪ ماڻهن ۽ گاڏين تي ڪڙي نظر رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ کان فوري رپورٽ طلب ڪئي آهي. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ سندن گرفتاري لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

گهرو وزير چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جي قرباني ضايع نه ويندي ۽ واقعي ۾ ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت فرار ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment