ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ چپ تعزيي جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿي ويو، جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه کارادر پهچندو.
جلوس جو مرڪزي رستو نشتر پارڪ، ايم اي جناح روڊ، تبت چوڪ، پريڊي اسٽريٽ، صدر دواخانو، بولٽن مارڪيٽ ۽ بمبئي بازار مان ٿيندو. ان کانپوءِ جلوس نواب محبت خان روڊ ذريعي حسينيه ايرانيان امام بارگاهه پهچندو.
جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جلوس جي گذرگاهن وارا اهم رستا عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيون ويون آهن.
ٽريفڪ پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته جلوس دوران متبادل رستا اختيار ڪن.
ناظم آباد، لياقت آباد، حسن اسڪوائر، شاهراهه فيصل، سينٽرل جيل ۽ گارڊن کان ايندڙ ٽريفڪ لاءِ مختلف متبادل رستا مقرر ڪيا ويا آهن.
ٽريفڪ پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته چپ تعزيي جي جلوس دوران بند رستن کان پاسو ڪري متبادل رستا استعمال ڪن.


