ڪروڙين رپين جي لاڳت باوجود جنگو اسٽاپ اسپتال غيرفعال، رهواسين ۾ مايوسي

2 Min Read

گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) جنگو اسٽاپ وٽ تعمير ٿيندڙ 10 بيڊن واري اسپتال جو ڪم گذريل هڪ سال کان رولڙي جو شڪار آهي. علائقي واسين موجب اسپتال جو ڪم 2 سال اڳ شروع ٿيڻو هو، پر هڪ سال جي دير کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو هاڻي ٻيهر بند پيل آهي. اسپتال لاءِ ساڍا 3 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ڊي ايڇ او جي نگراني ۾ ڪڍڻ جا اطلاع آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور اسپتال لاءِ 9 ڪروڙ رپين جي بجيٽ ٻڌائي وئي هئي، جنهن مان ساڍا 4 ڪروڙ عمارت ۽ ساڍا 4 ڪروڙ فرنيچر ۽ طبي سامان لاءِ رکيل هئا. رهواسين الزام هنيو ته رقم ڪڍرائڻ لاءِ ڪيترائي سامان اڳواٽ خريد ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ خريد ڪرڻو هو.

رهواسين موجب جنگو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اهڙي اسپتال موجود ناهي. اسپتال فعال ٿيڻ سان جنگو، فيض گنج، بگو دڙو، بوزدار وڏا ۽ راڻيپور تائين جي ماڻهن کي فائدو پهچندو، جڏهن ته گائني سميت مختلف بيمارين جي علاج جون سهولتون ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگي علائقي لاءِ وڏي سهولت ثابت ٿيندي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا موجب مهانگائي سبب طبي سامان مهانگو ٿي ويو آهي ۽ موجوده بجيٽ ۾ اسپتال فعال ڪرڻ ممڪن ناهي، جنهن لاءِ کاتي کي ريوائزڊ بجيٽ ڏئي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال جو رهيل ڪم جلد مڪمل ڪرائي ان کي فعال ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment