گولاڙچي (رپورٽ: عاشق آرائين) گولاڙچي شهر جي وارڊ نمبر 4 ۾ نئين روڊ جو ڪم گذريل 2 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، جنهن سبب علائقي واسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي.
روڊ جو ڪم اڌورو هجڻ سبب گاڏين جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ سان گڏ پيادل هلڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي، جنهن خلاف علائقي واسين احتجاج ڪندي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي انتظاميا کان روڊ جو رهيل ڪم جلد مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
رهواسين جو چوڻ آهي ته 2 سالن کان روڊ جي ڪم ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب سندن پريشانيون وڌي ويون آهن، انتظاميا فوري نوٽيس وٺي روڊ مڪمل ڪرائي علائقي واسين کي سهولت فراهم ڪري.


