Focus with Zardari

نوابشاهه: ڪارن جي ريسنگ دوران موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت، 4 ڄڻا زخمي

2 Min Read

نوابشاهه (رپورٽر) سڪرنڊ روڊ تي قائد عوام يونيورسٽي ڀرسان تيز رفتار ٻن ڪارن جي مبينا ريسنگ دوران حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ رستي تان گذرندڙ موٽرسائيڪل سوار نوجوان اسلم شاد راجپوت فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب ٻئي ڪارون تيز رفتاري سان مبينا ريسنگ ڪري رهيون هيون ته سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيو. کيس پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. زخمين ۾ دل مراد، اسد، شعيب ۽ گووندا شامل آهن، جن کي ريسڪيو ۽ ايڌي ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.

حادثي کانپوءِ فوتي نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سندس پوڙهي ماءُ ۽ ڀيڻ کي روئيندي ڏسي ماحول سوڳوار ٿي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتاري ۽ ريسنگ سبب اهڙا واقعا معمول بڻجي رهيا آهن. ذريعن موجب حادثي کانپوءِ هڪ ڪار سوار گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن خلاف پڻ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

علائقي واسين ۽ شهرين ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کان واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن کي روڪي سگهجي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment