ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تان موهن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين ٻيهر بحال ڪري ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ڪيو ويو. ٽرين جي ٻيهر افتتاحي تقريب ۾ ريلوي عملدارن سان گڏ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ بئريسٽر پير مظهر شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي موهن جو دڙو ايڪسپريس کي رنگ برنگين جهنڊين سان سينگاريو ويو، جڏهن ته مهمانن ٽرين جو افتتاح ڪري ان کي منزل ڏانهن روانو ڪيو.
ريلوي انتظاميا موجب موهن جو دڙو ايڪسپريس 213 اپ ۽ 214 ڊائون مسلسل مالي نقصان سبب 15 مارچ 2026ع تي بند ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻي ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي. انتظاميا موجب ٽرين مان سالياني آمدني 70.584 ملين رپيا، جڏهن ته ٻارڻ تي خرچ 231 ملين رپيا هو، جنهن سبب 160.417 ملين رپين جو ساليانو نقصان ٿي رهيو هو.
موهن جو دڙو ايڪسپريس ڪوٽڙي، سنڌ يونيورسٽي، سيوهڻ، دادو، پيارو ڳوٺ، رحماني نگر، راڌڻ، باڊهه، موهن جو دڙو، باڪراڻي، لاڙڪاڻو، شاهنواز ڀٽو، مدئجي روڊ، حبيب ڪوٽ ۽ سکر تائين مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪندي.


