Focus with Zardari

ڪراچي ۾ ڦورن هٿان شهري قتل، مارجي ويلن جو انگ 54 ٿي ويو

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نارٿ ڪراچي واري هڪ اونداهي گهٽي ۾ 12 ۽ 13 سيپٽمبر جي وچين رات، هڪ موبائل فون ڦرڻ جي واردات اوچتو اهڙي سانحي ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن هڪ خاندان کان سندن پيارو کسي ورتو. نور احمد لاءِ اهو موبائل فون رڳو هڪ ڊوائيس نه، پر سندس محنت سان حاصل ڪيل ملڪيت هئي، جنهن کي واپس وٺڻ لاءِ هن هٿياربند جوابدار جو مقابلو ڪيو، پر اها بهادري سندس زندگيءَ جي آخري جنگ ثابت ٿي.

رات 2 وڳي نور احمد کان هٿيارن جي زور تي موبائل فون ڦريو ويو. هن واقعي جو اطلاع مددگار 15 پوليس کي ڏنو. پوليس موبائل فون جي لوڪيشن ٽريڪ ڪندي جوابدارن جو پيڇو ڪيو ۽ نارٿ ڪراچي جي سيڪٽر 5-A/4 واري علائقي ۾ پهتي.

ايس ايڇ او خواجه اجمير نگري فرخ هاشمي موجب، پوليس ٻن جوابدارن کي فرار ٿيندي ڏٺو. ان دوران نور احمد هڪ جوابدار يوسف طور کي پڪڙي ورتو. پر جوابدار فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نور احمد جي پيٽ ۾ گولي لڳي. فائرنگ دوران جوابدار به پنهنجي ئي گولي ڄنگهه ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

پوليس زخمي جوابدار کي گرفتار ڪري جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو پوليس جي حراست ۾ علاج هيٺ آهي. ٻئي طرف نور احمد کي عباسي شهيد اسپتال جي آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو، جتي هن هڪ هفتي تائين زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي.

- Advertisement -

ڇنڇر ڏينهن ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن کان پوءِ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment