Focus with Zardari
اهم خبرون

گمبٽ: شادي جي تقريب دوران فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ لالڏنو اڄڻ ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالحفيظ اڄڻ قتل ٿي ويو، جڏهن ته نسيم اڄڻ زخمي ٿي پيو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وئي، جنهن مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪرايو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فائرنگ جا ڪارڻ ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن بابت تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment