گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ڪنڊياري مان اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ نڪتل سماجي ورڪرن ۽ نوجوانن جو پيادل قافلو گمبٽ پهچي ويو، جتي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
غمگين سيال، شاهزيب گوپانگ، صدام ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل قافلي ۾ شريڪ نوجوانن جو چوڻ هو ته هو ڪنڊياري کان پيادل مارچ ڪري پريا ڪماري، اجالا سولنگي، نويد لاشاري ۽ ٻين اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن قافلو ٻٻرلو ۾ جاري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندو.
هنن سنڌ جي سمورن شعوري ماڻهن، سماجي تنظيمن ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي ۽ قومي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٻٻرلو ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪن.


