اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس جي قافلي تي فائرنگ، گارڊ قتل

1 Min Read

پلندري ( ويب ڊيسڪ ) آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ تازو استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيل سردار تنوير الياس جي قافلي تي پلندري ويجهو ٽائين ڍلڪوٽ واري علائقي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس هڪ سيڪيورٽي گارڊ قتل ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ميڊيا رپورٽن موجب فائرنگ دوران اڳوڻو خاص معاون سردار امتياز شاهين به زخمي ٿيو، جڏهن ته قافلي ۾ شامل ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا.

ذريعن موجب سردار تنوير الياس ٻن ڏينهن جي دوري تي پنهنجي قافلي سميت راولاڪوٽ وڃي رهيو هو، جڏهن هي واقعو پيش آيو.

فائرنگ ۾قتل ٿيل سيڪيورٽي گارڊ جي سڃاڻپ سردار آصف يوسف طور ٿي آهي، جنهن جو تعلق ڪوٽيڙا گوراه، پلندري سان هو، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان جي وزيراعظم جي سيڪيورٽي ڊيوٽي تان رٽائر ٿيو هو ۽ هن وقت سردار تنوير الياس جي ذاتي سيڪيورٽي تي مقرر هو. رپورٽن موجب کيس مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويو

Share This Article
Leave a Comment