گمبٽ ۾ جوڳي برادري جو نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ۾ جوڳي برادري پاران نوجوان جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پپري جا رهواسي غلام عباس جوڳي سلطان جوڳي، شاهد فريد، غلام فريد، مائي پوپري ۽ فرزانا پٺاڻي پريس ڪلب گمبٽ آڏو احتجاج ڪندي الزام هنيو ته هڪ هفتو اڳ سندن برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان نديم جوگي مبينا طور گم ٿي ويو هو، جنهن جو لاش ٽي ڏينهن اڳ نولکي ويجهو هٿ آيو هو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس ٽنڊو مستي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، پر پوليس اڃا تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پوليس جي اهڙي نااهلي ۽ سستي سبب وارثن ۾ سخت بيچيني ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي، ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان پرزور اپيل ڪئي ته نوجوان جي قتل واري معاملي جو فوري نوٽيس وٺي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment