اسڪول رڳو عمارتن، ڪمرن ۽ ڪاري تختن جو نالو ناهي، پر اهي ٻارن جي مستقبل سان جڙيل ادارا آهن. انهن اسڪولن جي بهتري، فرنيچر ۽ ٻين ضرورتن لاءِ جڏهن سرڪاري فنڊ جاري ٿين ٿا ته سوال رڳو ايترو نه هوندو آهي ته رقم ڪيتري جاري ٿي، پر اصل سوال اهو هوندو آهي ته اها رقم ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي؟
گهوٽڪي ضلعي جي سرڪاري اسڪولن لاءِ جاري ڪيل اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ ۾ ، ايس ايس بي فنڊز ۾ مبينا طور گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ گهوٽڪي طرفان ضلعي تعليم آفيسر گهوٽڪي کي لکيل خط ۾ محمد رفيق قاضي جي درخواست تي تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين خلاف جاچ جو حوالو ڏنو ويو آهي.
خط موجب الزام آهي ته حڪومت سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي طرفان اسڪولن جي ترقياتي ڪمن ۽ فرنيچر جي خريداري لاءِ جاري ڪيل اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ مبينا طور مقرر ڪيل ضابطن موجب استعمال نه ڪيو ويو.
جاچ جي سلسلي ۾ گهوٽڪي ضلعي جي مختلف سرڪاري اسڪولن سان لاڳاپيل 25 هيڊ ماسترن ۽ وينڊرز جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ کين طلب ڪيو ويو آهي.
خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل هيڊ ماستر ۽ وينڊرز 30 سيپٽمبر 2026 تي صبح 10 وڳي جاچ آفيسر آڏو پيش ٿين.
کين ڪيش بڪ، لاڳاپيل واؤچرز ۽ بل، ڪوٽيشنز، خرچن جو رڪارڊ ۽ ايس ايس بي فنڊز جي استعمال سان لاڳاپيل ٻيا سمورا دستاويز پڻ گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.اينٽي ڪرپشن کاتي موجب دستاويزن ۽ بيانن جي روشني ۾ جاچ مڪمل ڪري حتمي نتيجو اخذ ڪيو ويندو.
گهوٽڪي ضلعي جي انهن اسڪولن ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول عمر ڊيهو، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول لاکو لنجاري، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول صالح مهر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول اين ديو گهوٽڪي، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تاج محمد خان رُڪ ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول قادرپور شامل آهن.
ان کان علاوه گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تاج محمد خان، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ماٿيلو مومل ماڙي، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مولودي چاچڙ، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول عبدالرحمان مير بحر ۽ گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول مين گهوٽڪي جي عملدارن کي به طلب ڪيو ويو آهي.
گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول داڙي، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حسين ڀيو، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري ايليمينٽري اسڪول فيروز خان ڪولاچي، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري ايليمينٽري اسڪول دريان خان مگسي، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري ايليمينٽري اسڪول جهانپور جي هيڊماسترن کان به رڪارڊ گهريو ويو آهي.
اينٽي ڪرپشن گهوٽڪي ضلعي جي گرلس اسڪولن جي فنڊز جي به جاچ ڪندي، انهن اسڪولن ۾ گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول گهوٽڪي، عادلپور، آفيسر ڪالوني، ايوب لاکاڻي شامل آهن.
ليٽر مطابق اينٽي ڪرپشن جاچ جي سلسلي ۾ سڀني اسڪولز جي هيڊ ماسترن کي نه رڳو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي پر انهن کي رڪارڊ پڻ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گهوٽڪي جي 25 اسڪولن جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

