ڀٽ شاهه: (علي رضا ميرجت) گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو.
گورنر سنڌ ڀٽ شاهه پهچي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي درگاهه تي حاضري ڀري، مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.
ان موقعي تي گورنر سنڌ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، امن، استحڪام، ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري.
سيد محمد نهال هاشمي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليم محبت، امن، رواداري، ڀائيچاري، انسان دوستي ۽ احترام جو لازوال پيغام آهن.
هن چيو ته شاهه لطيفؒ جو فڪر ۽ فلسفو سنڌ جي تهذيب، ثقافت، روحانيت ۽ صوفي روايتن جو روشن عڪس آهي، جيڪو اڄ به سماج ۾ محبت، برداشت ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏئي رهيو آهي.
گورنر سنڌ چيو ته نوجوان نسل کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي شاعري، فڪر ۽ صوفي ورثي کان روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شاهه لطيفؒ جي تعليمات تي عمل ڪري پرامن، متحد، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي تعمير ڪري سگهجي ٿي.
گورنر سنڌ موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو عرس مبارڪ رڳو مذهبي تقريب نه، پر سنڌ جي صوفي روايتن، قومي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي جي تجديد جو وڏو موقعو آهي.


