Focus with Zardari

ڳڙهي خيرو: رواهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻه ڄڻا زخمي

1 Min Read

ڳڙهي خيرو (ويب ڊيسڪ) ڳڙهي خيرو ويجهو ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد رواهي ۾ رواهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. فائرنگ ۾ مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ اعجاز رواهي طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ اسحاق رواهي ۽ حنيف رواهي شامل آهن.

ٻنهي ڌرين وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.

Share This Article
Leave a Comment