Focus with Zardari

ڪوٽڙي: دڪان تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

1 Min Read

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيو ڀاءُ زخمي ٿي پيو.

فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب سڄڻ چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ ذوالفقار چانڊيو زخمي ٿي پيو. واقعي بعد جوابدار موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment