سکر ( رپورٽ: عبدالغفور شيخ ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس سکر پاران شڪارپور روڊ تي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران ايمبولينس ذريعي منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
ڪارروائي دوران ايمبولينس جي خفيه خانن مان 49.400 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ 36 ڪلوگرام چرس ۽ 13.400 ڪلوگرام برف شامل آهي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس موجب، ڪارروائي دوران شڪارپور واسي لياقت علي کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو مبينا طور بين الصوبائي منشيات اسمگلنگ نيٽ ورڪ جو اهم ڪارڪن آهي.
شروعاتي رپورٽن مطابق، منشيات بلوچستان کان سنڌ منتقل ڪئي پئي وئي. اَي اين ايف جي انٽيليجنس نيٽ ورڪ مان حاصل ٿيل ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي.
گرفتار جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
اَي اين ايف جو چوڻ آهي ته مسلسل نگراني ۽ حڪمت عملي تحت منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروايون جاري آهن. ايمبولينس کي منشيات جي اسمگلنگ لاءِ استعمال ڪرڻ واري واقعي هنگامي خدمتن جي غلط استعمال بابت پڻ سوال اٿاري ڇڏيا آهن.


