نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر ۾ چاقو سان حملي دوران بينڪ آف آمريڪا جي 32 ورهين جي ايگزيڪيوٽو مارجي وئي.
نيويارڪ جي مشهور ٽائمز اسڪوائر ۾ چاقو سان ٿيل حملي دوران مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ 32 ورهين جي ايرن پياچينٽي طور ٿي آهي.
رپورٽن موجب نيو جرسي جي شهر چيسٽر سان تعلق رکندڙ ايرن پياچينٽي سومر جي منجهند ٽائمز اسڪوائر ويجهو چاقو جي حملي ۾ سخت زخمي ٿي ۽ فوت ٿي وئي.
پوليس موجب مبينا حملي آور پنهنجي پرتشدد حملي دوران هڪ بزرگ شخص کي پڻ زخمي ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس فائرنگ ڪري جوابدار کي ماري ڇڏيو.
ايرن پياچينٽي نيويارڪ سٽي ۾ بينڪ آف آمريڪا سان سلهاڙيل هئي، جتي هوءَ نائب صدر طور ذميواريون نڀائي رهي هئي.
رپورٽن مطابق مقتولا ڪجهه ئي عرصو اڳ پنهنجي شادي جي سالگرهه پڻ ملهائي هئي. واقعي کانپوءِ نيويارڪ ۾ سيڪيورٽي ۽ عوامي هنڌن تي چاقو بردار حملن بابت خدشا ٻيهر سامهون آيا آهن.


