تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪيترن ئي هفتن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر ويڙهه شروع ٿي وئي آهي. آمريڪي فوج ايران ۾ پاسدارانِ انقلاب جي هوائي بچاءَ واري نظام، ريڊار، سامونڊي ٺڪاڻن ۽ رابطن جي مرڪزن سميت ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايران به جوابي ڪارروائي ڪندي عراق ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪي اختيارين اردن ۾ ڪنهن به آمريڪي فوجي جي مارجي وڃڻ جي ترديد ڪئي آهي.
ايراني هلال احمر موجب هرمز لنگهه ويجهو سيرڪ ۾ شادي جي تقريب تي حملي سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايراني ميڊيا موجب مارجي ويلن ۾ 4 ورهين جو ٻار به شامل آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هرمز لنگهه تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ ڪندي ايران کي وڌيڪ سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي، جڏهن ته ايران آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي وڌيڪ وسيع ۽ تباهه ڪندڙ جوابي حملن کان خبردار ڪيو آهي.


