ڪراچي: عورت کي تشدد بعد پوليس حوالي ڪرڻ واري الزام تي هوٽل خلاف درخواست

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سٽي ڪورٽ ۾ فائيواسٽار هوٽل انتظاميا خلاف هڪ عورت کي صبح 5 وڳي مبينا تشدد جو نشانو بڻائي پوليس حوالي ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ بابت ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

رافعه سحر وڪيل قادر خان مندوخيل معرفت درخواست داخل ڪئي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عورت کي مبينا طور اڌ اگهاڙي حالت ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ هوٽل انتظاميا کان سندس ڪپڙا، روڪ رقم ۽ 3 موبائل فون واپس ڪرائڻ جي استدعا ڪئي.

عدالت درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي چيو ته انهن شين جي واپسي لاءِ رڪوري سوٽ داخل ڪيو وڃي. جج چيو ته هو درخواست بابت ريفرنس موڪلي رهيو آهي، تنهن ڪري درخواست ڪنهن ٻي عدالت ۾ داخل ڪرائي وڃي.

عورت الزام هنيو ته کيس وڊيوز جو بهانو بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سليپنگ سوٽ ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو. سندس چوڻ موجب پوليس همدردي ڪندي کيس چپل، جيڪٽ ۽ 5 هزار رپيا پڻ ڏنا.

Share This Article
Leave a Comment