ملير: گلستانِ فيصل ۾ اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، لکين رپين جو نان ڪسٽم پيڊ تماڪ هٿ، جوابدار گرفتار

1 Min Read

ملير (رپورٽر) گلستانِ فيصل ۾ اسٽيل ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي هڪ گهر تي ڇاپو هڻي لکين رپين جي ماليت جو نان ڪسٽم پيڊ تماڪ، غير قانوني سگريٽ، ڀارتي گٽڪو، سوپاري ۽ نسوار هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ ڪمال ولد محمد صديق طور ٿي آهي، جيڪو بلوچستان مان اسمگلنگ ذريعي غير قانوني تماڪ ڪراچي آڻيندو ۽ آن لائن آرڊر ملڻ تي سگريٽ، انڊين گٽڪو ۽ ٻيو سامان سپلاءِ ڪندو هو.

جوابدار جي نشاندهي تي آلٽو ڪار نمبر BTM-109 مان پڻ لکين رپين جو وڌيڪ غير قانوني سامان هٿ ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment