گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) ڳوٺ ملهار شيخ واسي 26 سالن جو پورهيت نوجوان سانول پٽ غلام شبير شيخ موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرڻ دوران باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
پورهيت سانول موٽر سائيڪل تي کارا کپائي گذر سفر ڪندو هو، 2 ڏينهن اڳ راڻيپور شاهه جي مشين ڀرسان موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائي رهيو هو ته اوچتو موٽر سائيڪل کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو شديد سڙي زخمي ٿي پيو.
زخمي نوجوان کي فوري طور گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران اڄ زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.


