ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي موجب اڄ کان 16 سيپٽمبر دوران برساتي سسٽم سنڌ جي مختلف علائقن تي اثرانداز آهي، جنهن تحت اڄ ڪراچي سميت ڏاکڻن ۽ اوڀر سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ڊويزن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي ڪڪر ڇانيل رهڻ سان گڏ تيز هوائون هلڻ ۽ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان هلڪي کان تيز برسات جو امڪان آهي.
اتر سنڌ جي خيرپور، دادو، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد سميت مختلف ضلعن ۾ موسم وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جتي في الحال وڏي برسات جو الرٽ جاري ناهي. شهرين کي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.


