پٽ خلاف ٻي ايف آءِ آر ذاتي ناراضگي جو نتيجو آهي: سيد علي گوهر شاهه راشدي

5 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ڪاروباري شخصيت سيد علي گوهر شاهه راشدي چيو آهي ته سندس پٽ ڪونين شاهه خلاف ڪارروائي ۽ ميڊيا ٽرائل ذاتي تڪرار جو نتيجو آهي. معمولي حادثي کي غيرضروري طور وڏو بڻايو ويو، جڏهن ته ملڪ ۾ جنسي زيادتين، قتل ۽ ڌاڙن جهڙا سنگين واقعا به ٿين ٿا، پروفيسر سان معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ وارو هو، پر وچ ۾ مداخلت کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي. کيس ۽ سندس پٽ کي معاشي ۽ روزگار جي حوالي سان نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سنڌ وائيس جي”فوڪس وِٿ زوهيب زرداري“ ۾ ڳالهائيندي سيد علي گوهر شاهه راشدي چيو ته يونيورسٽي جي پروفيسر پاڻ گاڏي سندن گاڏي سان ٽڪرائي، جنهن کانپوءِ هو پروفيسر جي گهر ويو ۽ نقصان جو ازالو ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر ڳالهين کان انڪار ڪيو ويو.
سيد علي گوهر شاهه راشدي چيو ته بعد ۾ معاملو اڪلائڻ لاءِ پروفيسر راضي ٿي ويو هو، پر ريس ڪلب جي سيڪريٽري اڪبر شاهه راشدي پروفيسر جي گهر وڃي کيس ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ورغلايو ۽ مبينا طور چيو ته پير پاڳاري جو حڪم آهي.
سيد علي گوهر شاهه راشدي چيو ته ڪونين شاهه جي گرفتاري لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان حڪم ڏيڻ به اڳواٽ تيار ڪيل منصوبو هو، جنهن جو مقصد کيس نقصان پهچائڻ هو.
هن ٻڌايو ته پوليس اچڻ کانپوءِ هن پوليس اهلڪارن کي ماني کارائي ۽ تقريبن ڇهن ڪلاڪن کانپوءِ پنهنجي پٽ کي حيدرآباد مان گهرائي پوليس حوالي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو چاهي ها ته پٽ کي پرڏيهه موڪلي سگهي پيو، پر هن ائين نه ڪيو، کيس ڪنهن کان پاڪستاني يا سنڌي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي.
سيد علي گوهر شاهه راشدي جو چوڻ هو ته سندس پٽ جو روزگار بند ڪرائڻ ۽ کيس معاشي طور نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سيد علي گوهر شاهه راشدي چيو ته هڪ طرف سندس پٽ خلاف ڪارروائي تي ميڊيا ٽرائل هلي رهيو آهي، جڏهن ته ٻين سنگين واقعن تي ساڳئي انداز ۾ بحث نٿو ٿئي.
هن چيو ته سرڪي صاحب 10 سال پراڻي وڊيو کي بنياد بڻائي وي لاگ ٺاهيو.
سندس چوڻ هو ته کيس پيغام موڪليو ويو ته سنڌ گرين هوٽل واري زمين وڪرو ڪري ڇڏين، جنهن سان ڪيس ختم ٿي ويندو، پر هن سوال اٿاريو ته هو اربين رپين جي زمين ڇو وڪرو ڪن.
سيد علي گوهر شاهه راشدي پنهنجي سياسي ماضي بابت ڳالهائيندي چيو ته هو 2010ع تائين پيپلز پارٽي ۾ رهيو، 2003ع جي چونڊن دوران راشد شاهه پريالوءِ ۾ پيپلز پارٽي جو پولنگ ايجنٽ رهيو، پر پارٽي طرفان راشد شاهه کي مناسب اهميت نه ڏني وئي.
هن وڌيڪ چيو ته وٽس ووٽ ناهن پر ڪردار آهي، جڏهن ته راشد شاهه وٽ ووٽ آهن ۽ زرداري ۽ راشد وچ ۾ سياسي اتحاد آهي.
سيد علي گوهر شاهه راشدي چيو ته هن ماضي ۾ پيپلز پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ 2010ع تائين پارٽي سان گڏ رهيو.
هن ٻڌايو ته محترمه بينظير ڀٽو جي ذلفي مرزا جي گهر اچڻ دوران هن کيس هڪ اَن رجسٽرڊ وائيٽ لينڊ ڪروزر ڏني هئي، جيڪا ڪجهه هفتن کانپوءِ واپس ڪئي وئي، پر گاڏي ۾ گهڻو ڪجهه باقي نه رهيو هو.
سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ هو سياست کان پاسيرو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته کيس محسوس ٿيو ته پيپلز پارٽي ۾ شريف ماڻهن لاءِ گنجائش نه رهي آهي.
هن چيو ته آصف زرداري کي دوست نه پر چمچا گهرجن، جڏهن ته هن پنهنجي والد جي به چمچاگيري نه ڪئي ۽ نه ئي کانئس ٽڪو ورتو.
سيد علي گوهر شاهه راشدي پنهنجي خانداني ملڪيت بابت به ڳالهائيندي چيو ته کيس والد جي وراثتي ملڪيت مان ڪجهه به نه مليو.
هن وڌيڪ چيو ته والد جي اڌ ملڪيت مان رڳو 25 ڪروڙ رپيا سالياني آمدني ٿئي ٿي ۽ 14 سالن جو حساب لڳائجي ته سندس حصو ڏيڍ ارب رپين تائين پهچي ٿو، جڏهن ته ڪنگري هائوس مان به کيس ڪو حصو نه مليو.
هن اهو به چيو ته 2008ع ۾ ڀتي لاءِ ڌمڪين خلاف گلشن ٿاڻي ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي، پر اڄ تائين ان تي کيس جواب نه مليو، جڏهن ته سندس پٽ کي ڌمڪين واري ايف آءِ آر ۾ تمام تيزي سان ڪارروائي ڪئي وئي.
سيد علي گوهر شاهه راشدي جو چوڻ هو ته سندس ٻيهر سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي ۽ نه ئي هو پنهنجي پٽ کي سياست ۾ آڻڻ چاهي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment