ڪراچي:سنڌ ۾ تعليم کاتي جي اربين رپين جي بجيٽ باوجود تعليمي نظام تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، جتي 620 ارب رپيا بجيٽ هجڻ باوجود هزارين اسڪول اڄ به غيرفعال بڻيل آهن ۽ صوبي ۾ لڳ ڀڳ 80 لک کان هڪ ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سنڌ وائيس جي پروگرام چارج شيٽ ۾ ڳالهائيندي نامياري تعليمي ماهر پروفيسر اعجاز قريشي سنڌ جي تعليمي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو
پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت جا ڪيترائي تعليمي منصوبا گذريل 18 ورهين کان رڳو اي ڊي پي جي صفحن تائين محدود آهن ۽ عملي طور تي انهن تي ڪو به ڪم ناهي ٿي سگهيو. اربين رپين جي سرڪاري بجيٽ مان ڪو به مثبت نتيجو سامهون ناهي اچي سگهيو، جنهن جو وڏو ثبوت هي آهي ته اڄ به نياڻين جي اسڪولن ۾ واش رومز جهڙيون بنيادي سهولتون به موجود ناهن.
پروفيسر اعجاز قريشي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ آفيسرن جي هڪ وڏي فوج ويٺي آهي، پر بدقسمتيءَ سان هر ڪو پنهنجي ذاتي ڌنڌي ۽ مفادن پٺيان لڳل آهي. تعليمي ميدان ۾ سنڌ ڏينهوڏينهن پٺتي پئجي رهي آهي، جنهن کي ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو.
هن استادن جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ جا اڪثر استاد ڏاڍا ڏنگا آهن ۽ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن. تعليم کاتي مان سفارش ۽ رشوت جو ناسور ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. پروفيسر قريشي ٻين ملڪن جو مثال ڏيندي چيو ته سريلنڪا جهڙي معاشي طور تي ڪمزور ملڪ ۾ به خواندگي (پڙهيل لکيل هجڻ) جي شرح سئو سيڪڙو جي ويجهو آهي، پر اسان وٽ اربين رپيا پاڻي وانگر وهايو وڃي ٿو پر نتيجو ٻُڙي آهي. جيڪڏهن هاڻي به تعليم کي بهتر نه ڪيو ويو ته ڏاڍي وڏي تباهي ايندي ۽ اسان جو قصو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو
تعليمي ماهرن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کي موجوده صورتحال کي سنجيدگي سان وٺڻ ۽ صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري هنگامي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
تفصيلي پروگرام ڏسڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو


