گمبٽ (رپورٽر) يوسي جهنڊو مشائخ جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ شادي جي تقريب دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب گھوٽ جو ڀاءُ نور محمد ولد خان ڄامڙو فوت ٿي ويو.
ڳوٺاڻن موجب شادي گهر ۾ خوشين جو ماحول هو ته اوچتو بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.
نوجوان جي اوچتي فوت ٿيڻ سبب شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ته واقعي کانپوءِ سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.


