سنڌ ۾ نون هٿيارن جي لائسنس مڪمل پابندي، آرمز ڊيلرشپ لائسنس به روڪيا ويا

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ نون هٿيارن جي لائسنس جاري ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نون هٿيارن جي ڊيلرشپ لائسنسن جي اجرا تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي گهرو وزير جي ترجمان موجب پابندي تي فوري طور عمل ٿيندو ۽ ايندڙ حڪم تائين برقرار رهندي.

ترجمان چيو ته رڳو غيرمعمولي ۽ خاص ڪيسن ۾ هٿيارن جي لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، پر اهڙن ڪيسن ۾ مجاز اختيارين کان اڳواٽ منظوري لازمي هوندي.

ترجمان موجب ضابطن تحت خاص ڪيس ۾ سنڌ جي گهرو وزير ۽ وڏي وزير جي منظوري گهربل هوندي.

هن چيو ته ڪو به لائسنسنگ اٿارٽي نئون هٿيارن جو لائسنس جاري نه ڪري سگهندي، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل لائسنسنگ اختيارين کي فيصلي تي سختي سان عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

Share This Article
Leave a Comment