گمبٽ (رپورٽر) نارا تعلقي جي سوراه ٿاڻي جي حد ڪاٺوڙ جي رهواسين دلشاد ڀٽي ۽ سندس امڙ ڪلثوم ڀٽي احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته سندن نياڻي ذرين فاطما ڀٽي کي هٿيارن جي زور تي جوابدار اغوا ڪري کڻي ويا، جتي مبينا طور زنا ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد هوءَ فوت ٿي وئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل هجڻ باوجود جوابدار گرفتار نٿا ڪيا وڃن، جڏهن ته علائقي جا بااثر ماڻهو مبينا طور زبردستي جرڳو ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ 12 لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪري رهيا آهن. وارثن چيو ته کين پئسا نه، پر انصاف گهرجي ۽ نياڻي سان ظلم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
هڪ هفتو اڳ ذرين فاطما جي ڀاءُ دلشاد ڀٽي جي فرياد تي سوراه ٿاڻي تي 5 جوابدارن شهناز ڀٽي، شفاقت ڀٽي، صداقت ڀٽي، غلام شبير ڀٽي ۽ غلام مرتضيٰ ڀٽي خلاف هٿيارن جي زور تي اغوا، زنا ۽ ناحق بند رکڻ جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. وارثن موجب ذرين فاطما پنهنجي حياتي ۾ امڙ ۽ ڀاءُ سان گڏ سوراه ٿاڻي تي پهچي جوابدارن خلاف احتجاج پڻ ڪيو هو، جنهن بعد هوءَ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي ۽ فوت ٿي وئي.
ٻئي طرف سوراه پوليس موجب ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته ناري جي فوتگي جا قلم پڻ ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيا ويندا.


