واشنگٽن ڊي سي(ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڪو معاهدو ٿئي يا نه ٿئي، ايران خلاف جاري جنگ ۾ فتح آمريڪا جي ٿيندي.
ايران سان ڊيل ٿيڻ يا خطي ۾ وڌيڪ آمريڪي فوج موڪلڻ بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته يا ته آمريڪا ڪو سٺو معاهدو ڪندو، يا وري ڪو معاهدو ئي نه ٿيندو.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا آبنائي هرمز مان رات جي وقت جهاز گذاري ٿو، ڇاڪاڻ ته ايران کي ان جي خبر ئي نٿي پوي،ايران جا ريڊار تباهه ڪيا ويا آهن.
آمريڪي صدر چيو ته ته ايران ۾ مهانگائي 300 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ۽ ملڪ جي معيشت اهڙي صورتحال ۾ آهي، جيڪا ايران اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.
ٽرمپ چيو ته جنگ جو نتيجو ڪنهن ڊيل جي صورت ۾ نڪري يا نه، پر هن جنگ ۾ فتح آمريڪا جي ٿيندي.
ان کان اڳ گذريل ڏينهن به ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته کيس اميد آهي ته ايران ۾ جاري جنگ هاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي.


