نيويارڪ(ويب نيوز) روس ۽ چين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران تي پابندين جي نگراني ڪندڙ ڪميٽي جي مدي ۾ واڌ بابت آمريڪي قرارداد جو مسودو ويٽو ڪري ڇڏيو.
سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ موجب، ٻنهي مستقل ميمبر ملڪن آگسٽ جي آخر ۾ قرارداد جو متن پيش ٿيڻ وقت ئي ان مسودي جي مخالفت ڪئي هئي.
روس ۽ چين ايران خلاف عالمي پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي نام نهاد ’اسنيپ بيڪ ميڪانيزم‘ تي پڻ سخت خدشن ۽ مخالفت جو اظهار ڪيو هو.
واضح رهي ته 2015ع ۾ ايران جي ايٽمي معاهدي، جنهن کي ’جوائنٽ ڪامپري هينسو پلان آف ايڪشن‘ (JCPOA) چيو وڃي ٿو، تحت هي ميڪانيزم قائم ڪيو ويو هو. ان تحت معاهدي جي ڪنهن به ڌر کي اهو اختيار حاصل هو ته جيڪڏهن کيس يقين هجي ته ايران معاهدي جي ڪنهن شق جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته پابنديون ٻيهر بحال ڪرڻ وارو عمل شروع ڪري سگهي ٿي.
روس ۽ چين جو موقف آهي ته ’اسنيپ بيڪ ميڪانيزم‘ هاڻي غير مؤثر ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته JCPOA ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2231 جو مدو گذريل سال پرو ٿي چڪو آهي.


